شاهل محمد ڪلهوڙو

شاهل محمد ڪلهوڙو: هي روحاني بزرگ ۽ سنڌ جي آزاديءَ جو اڳواڻ ميان دائود بن ميان آدم شاهه جو پٽ هو. ميان آدم شاهه کان پوءِ ميان دائود گادي نشين ٿيو. ميان دائود کان پوءِ هن جو وڏو پٽ ميان الياس ۽ پوءِ سندس ننڍو پٽ ميان شاهل محمد يا شاهه علي روحانيت ۽ سياست جي گادي سنڀالي. هي هڪ بهادر ۽ سمجهدار اڳواڻ طور نروار ٿيو. پاڻ سنڌ جي انهن شهيدن مان هڪ آهي، جن پنهنجي ڌرتيءَ تي ڌارين کي قابض ٿيڻ نه ڏنو. هيءُ 1657ع ڌاري مغلن سان جنگ ۾ وڙهندي شهيد ٿيو. شاهل محمد ڪلهوڙي لاڙڪاڻي ۾ پنهنجون زمينون پنهنجن مريدن ۾ ورهائي ڇڏيون هيون. سندس مقبرو گھاڙ واهه جي ڪناري ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ ۾ واقع آهي، هي واهه به شاهل محمد ڪلهوڙي کوٽايو هو. سندس مقبرو هن وقت ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ جي حدن ۾ اچي ٿو.
شاهل محمد جي زماني ۾ لاڙڪاڻي جي زراعت ۾ وڏا واڌارا ۽ سڌارا ٿيا. مغلن کان اهڙو ماڻهو ڪونه برداشت ٿيو، جيڪو سندن بالادستيءَ کي نه مڃي. ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي هڪ مرشد واري الڳ حيثيت پڻ هئي، پنهنجن مريدن کي به ڌارين سان ويڙهه جو تاڪيد ڪندو رهندو هو. سنڌ ۾ صوفين جيان هن جو لاڙو به وحدة الوجود واري سلسلي سان جڙيل هو. خانبهادر خداداد خان ‘لب تاريخ سنڌ’ ۾ لکي ٿو ته، هن سانگين ۽ ابڙن کان زمينون زوري کسي ورتيون. جڏهن ته ‘تحفة الڪرام’ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته، “هن جي دؤر ۾ مريدن جو تعداد اڳئين کان به وڌي ويو. شاهه عليءَ جي زراعت جي ڪم سان خاص دلچسپي هوندي هئي، انهيءَ خيال سان هن هڪ ڊگهو واهه (گهاڙ واهه) کوٽائي، ٻنهي ڪنارن وارن زمينن لاءِ پاڻيءَ جو بندوبست ڪيو ته جيئن زمينن جي آباديءَ جو انتظام چڱي پيماني تي هلندو رهي. انهيءَ سلسلي ۾ سانگين ۽ ابڙن سان سندس اختلاف پيدا ٿي ويو، جنهن اڳتي هلي هٿياربند لڙائيءَ جي صورت اختيار ڪئي. ابڙا قوم مان ڄام صديق ۽ بلال خان سندس مريديءَ جا سمورا حق وساري ڇڏيا ۽ انهن زميندارن جو ساٿ ڏنو، جيڪي ميان شاهه علي سان لڙائيءَ تي آماده هئا، ڪيتريون ئي لڙايون لڳيون، جن مان هڪ جو به تفصيلي احوال نه ٿو ملي. بکر جو مغل حاڪم به ميان شاهه عليءَ جي خلاف سندس مخالفن جو مددگار هو. انهن لڙائين مان هڪ لڙائيءَ ۾ ميان صاحب مارجي ويو. ميان شاهل محمد، سن 1068هه/ 1657ع ۾ شهيد ٿيو. غلام شاهه ڪلهوڙي پنهنجي ڏاڏي ميان شاهه علي جي قبر تي 1186هه/ 1774ع ۾ عاليشان مقبرو جوڙايو. مقبري جي گنبذ ۽ ديوارن تي ڪاشيءَ جو نهايت خوبصوت ڪم ٿيل آهي. ڪن عالمن جي راءِ موجب هي مقبرو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي تعمير ڪرايو هو. ٻين لکندڙن موجب هي مقبرو ميان سرفراز ڪلهوڙي جي حڪم سان ٺهي راس ٿيو.


لفظ شاهل محمد ڪلهوڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو